دنيا جا عظيم افسانا

دنيا جا عظيم افسانا

دنيا جا عظيم افسانا

دنيا جا عظيم افسانا (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري اديب، ترجمي نگار، ناول نگار مراد علي مرزا جي ترجمو ڪيل افسانن تي مشتمل آهي. ٻن جلدن تي مشتمل هن ڪتاب جو هيءُ ٻيو جلد آهي، جنهن ۾ مختلف ٻولين مان ترجمو ڪيل سورهن افسانا شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ افساني نگارن جي زندگيءَ جو مختصر احوال پڻ شامل آهي. هن ڪتاب ۾ سمورا افسانا پنهنجي هڪ الڳ تاريخ رکن ٿا. ڪتاب ۾ شامل افسانن ۾: نشانو، گلن جي ڪونڊي، ڀائر، سربيا جي هڪ رات، بلڪل آزاد، جادوءَ جو گهوڙو، انار داڻا، پڳ مٽ يار، شهزادي سوسن، پرديس ۾، ڇوهه مرد ۽ هڪ ڇوڪري، جاڙن جي جوڙي، مڪتب، ليليٰ مجنون، ميري روزيءَ جو پراسرار موت، ۽ پهرين اُڏام شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1968ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1979ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو. 468 صفحن تي مشتمل هن ڪرائون سائيز جي ڪتاب جي قيمت 20 روپيا آهي. هيءُ ڪتاب ترجمي نگاريءَ ۾ تاريخي حيثيت رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو